ڍڍر نئن

ڍڍر نئن: هيءَ نئن ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ آهي، جيڪا لاکاڻي جبل مان نڪري ٿي ۽ برسات جي موسم ۾ وڏي مقدار ۾ پاڻي کڻي اتر ڪاڇي جي اوڀارئين علائقي کي سيراب ڪري ٿي. هن نئن تي گھڻو ڪري سنگاساڻي چانڊين جون زمينون آباد ٿين ٿيون. هيءَ وڏي نئن آهي. پاڻي به شفاف اٿس، ڍڍر نالي سان هڪ مقام به آهي، جيڪو سنگاساڻي چانڊين جو قديم مقام آهي. هي ڍڍر نئن، چانڊين جي قبيلي جي هڪ فرد جي نالي سان سڏي وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو